پنجل مير بحر

پنجل مير بحر (ملهه پهلوان): پهرئين جوڙ جو مشهور ملهه پهلوان پنجل ولد رب ڏنو مير بحر 1904ع ڌاري ڳوٺ دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. محمد پنجل نهايت سگهارو ۽ قدآور جوان هو. بُتَ جو سهڻو، رنگ جو ڀورو، چاپئين ڏاڙهي ۽ شهپر رکندو هو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ڊگهي قد هئڻ ڪري ٿورو جهڪيل نظر ايندو هو. هيءُ ملهه پهلوان 1940ع تائين ملهه وڙهندو رهيو. سندس مقابلا اڪثر پهرئين جوڙ جي مشهور اترادي ملهه پهلوانن سان ٿيندا هئا. ان دؤر جي مشهور ملهه پهلوانن: حبيب مير بحر، عاقل محمد، گل محمد لنجار ۽ گوشو ميتلي وغيره سان ٿيندا هئا. اڪثر مقابلا طاقت جي زور تي کٽي ويندو هو. چار سوتي لوهي سيخ ٻانهن تي مروڙي ويندو هو، سڪي تي اُڪريل اکر به چپٽيءَ جي زور سان ميساري ويندو هو. هي گل حسن خان ڌاريجي اول جو پهلوان هو. علائقي جو زميندار خان محمد خان چاچڙ ملهه پهلوانن کي پاڻ وٽ رهائيندو هو، جنهن کيس سوکڙيءَ طور هڪ ڀلو ڏاند ڪاهي ڏنو. پهرئين جوڙ جو هي ملهه پهلوان 7 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو